ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)شهر جي خانگي ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ منڪي پوڪس کان بچڻ لاءِ انفيڪشن ڪنٽرول الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.طبي ماهرن موجب ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن منڪي پوڪس بابت هيلٿ ايمرجنسي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، منڪي پوڪس انفيڪشن جانورن کان انسانن ۾ پکڙجي ٿو.طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته منڪي پوڪس جو انفيڪشن هڪ شخص کان ٻئي شخص تائين پکڙجي سگهي ٿو، مونڪي پوڪس کان بچڻ لاءِ هٿ جي صفائي، سينيٽائيزر ۽ اين 95 ماسڪ ضروري آهن.طبي ماهرن جو اهو به چوڻ آهي ته بخار، ٿڌ، مٿي جو سور، پٺين ۾ درد، خارش، گلن جو سوڄ منڪي پوڪس جون علامتون آهن، مونڪي پوڪس جي تشخيص لاءِ پي سي آر ٽيسٽ ضروري آهي.ان حوالي سان دائو يونيورسٽي جي انفيڪشن واري بيمارين جي ماهر پروفيسر سعيد جو چوڻ هو ته هن وقت مونڪي پوڪس جي ويڪسين موجود ناهي پر اسمال پوڪس جي ويڪسين مانڪي پوڪس کان ڪجهه حد تائين تحفظ فراهم ڪري ٿي.










