مني لانڊرنگ ڪيس: سليمان شهباز جي عبوري ضمانت ۾ واڌ

مني لانڊرنگ ڪيس: سليمان شهباز جي عبوري ضمانت ۾ واڌ

لاهور(ويب ڊيسڪ)لاهور جي احتساب عدالت مني لانڊرنگ ڪيس ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي پٽ سليمان شهباز جي عبوري ضمانت ۾ 23 جنوري تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي، احتساب عدالت ۾ سليمان شهباز خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ۽ مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. مني لانڊرنگ ڪيس ۾ سليمان شهباز احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ پيشي مڪمل ڪري احتساب عدالت روانو ٿي ويو، عدالت نيب کي ايندڙ ٻڌڻي تائين جاچ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت نيب جي جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته نيب جي جاچ آفيسر ڪٿي آهي؟ جاچ آفيسر جواب ڏنو ته سليمان شهباز کي سوالنامو ڏنو ويو آهي، کيس سوالن جا جواب جمع ڪرائڻا آهن. سليمان شهباز جي وڪيل نيب جي سوالنامي جا جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري جنهن تي عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته سوالنامي جا جواب اچڻ کانپوءِ جاچ مڪمل ٿيڻ ۾ ڪيترو وقت لڳندو، جاچ آفيسر جواب ڏنو ته ٻه هفتا جاچ ڪنداسين. عدالت نيب کي ايندڙ ٻڌڻي تائين جاچ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت انڪوائري آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته سوالنامي جا جواب ملڻ بعد جاچ مڪمل ٿيڻ ۾ ڪيترو وقت لڳندو، جنهن تي جاچ آفيسر جواب ڏنو ته ٻن هفتن ۾ جاچ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو