موت بابت پڇڻ لاءِ والدين کي فون ڪيو پيو وڃي: عليزي

موت بابت پڇڻ لاءِ والدين کي فون ڪيو پيو وڃي: عليزي

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستاني اداڪاره عليزي شاهه انڪشاف ڪيو آهي ته ڪجهه وقت لاءِ انسٽاگرام کي الوداع چوڻ کان پوءِ نيوز چينلز سندس والدين کي فون ڪري سندس موت بابت پڇيو، جيڪو ڪافي ڏکوئيندڙ هو،اداڪاره انسٽاگرام ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو هو ۽ هڪ ڪهاڻي پڻ شيئر ڪئي هئي جنهن ۾ هن سوشل ميڊيا کي دوزخ کان به بدتر جڳهه قرار ڏنو هو، ان کان علاوه انسٽاگرام تي سندس بايو پڻ ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو، جنهن ۾ اداڪاره ‘مئل نه آهي’ لکيو، هاڻي عليزي شاهه پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري ۾ ميڊيا، سوشل ميڊيا ۽ استعمال ڪندڙن جي رويي تي پنهنجي ڏک ۽ مايوسي جو اظهار ڪيو ۽ درخواست ڪئي ته کيس سانس وٺڻ ۽ جيئڻ جي اجازت ڏني وڃي. پنهنجي پوسٽ ۾، هن لکيو ته ٽرولنگ، سخت تنقيد، ۽ منفي تبصرن ۽ لفظن نه رڳو هن کي سخت ذهني پريشاني جو سبب بڻيا آهن، پر هاڻي هوءَ جسماني طور تي بيمار پڻ محسوس ڪرڻ لڳي آهي.عليزي شاهه لکيو ته هاڻي هن وٽ سوشل ميڊيا ۽ ميڊيا کان مڪمل طور تي پري رهڻ کان سواءِ ڪو به آپشن ناهي، هوءَ پاڻ کي بچائڻ لاءِ سڀني کان پري رهندي.اداڪارا لکيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ، جڏهن هن انسٽاگرام تان پنهنجون سڀئي پوسٽون ڊيليٽ ڪيون هيون، تڏهن هن پنهنجي بايو ۾ واضح طور تي لکيو هو ته هوءَ جيئري آهي، پر ان جي باوجود، ڪجهه ماڻهن هن بابت غلط افواهون پکيڙيون ۽ نيوز چينلز به هن جي والدين سان رابطو ڪيو ۽ پڇيو ته ڇا عليزي شاهه مري وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو