رتوديرو(فدا حسين لاشاري) منشيات جي وڪري تي پوليس ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي جنهن سبب نوجوان نسل تباهي جي ڪناري تي پهچي ويو. نوجوان شهر جي ويران دڪانن توڙي مسافر خانن، قبرستان ۽ درگاهن جي ڀرپاسي ۾ منشيات ۽ هوٽل تي ويهي رات جو شراب پيئندي نظر اچن ٿا. شهر جي مين گوشت مارڪيٽ وٽ خالي پيل دڪانن ۾ هر روز ڪيترائي نوجوان شراب، هيروئين، چرس، آفيم ۽ سوئي(سرنج) ذريعي ڊرگس استعمال ڪن ٿا. ٻئي پاسي شهرين ميڊيا سان پنهنجا ويچار ونڊيندي چيو ته شهر ۾ منشيات جو وڪرو عروج تي هئڻ ڪري نوجوان پنهنجو مسقبل تباھ ڪري رهيو آھي پر پوليس منشيات جو وڪرو بند نه ڪرائي سگهي آھي، جڏهن ته منشيات جا پئسا نه هئڻ ڪري نوجوان ڏوهن جو رستو اختيار ڪن ٿا جنهن جي ڪري شهر ۾ چورين جي وارداتن ۾ پڻ اضافو اچي رهيو آھي هنن ڊي آءِ جي، ايس ايس پي لاڙڪاڻي کان مطالبو ڪندي چيو ته رتوديرو ۾ هلندڙ منشيات جي ڪاروبار جو نوٽيس وٺي نوجوان نسل جي مستقبل کي برباد ٿيڻ کان بچايو وڃي.










