ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)راڻي ترنم نور جهان کي مداحن کان وڇڙي 24 سال گذري ويا آهن پر هوءَ اڄ به پنهنجي سريلي آواز ذريعي ماڻهن جي دلين ۾ زندهه آهي.الله وسائي، جنهن بلي شاهه جي نگري قصور ۾ اکيون کولي، وڏي ٿي نور جهان جي نالي سان مشهور ٿي.اداڪاري هجي يا ڳائڻي، نور جهان جو انداز شاندار، منفرد ۽ هر ڏسندڙ کي پسند آيو.نورجهان ننڍي عمر ۾ ئي سدابهار آواز سان ڳائڻ ۽ اداڪاري جي دنيا ۾ قدم رکيو ۽ 74 سالن جي ڪيريئر ۾ پنهنجي آواز سان مختلف ٻولين ۾ 20 هزار کان وڌيڪ گانا ڳائي کيس يادگار بڻائي ڇڏيو.راڻي ترنم نور جهان اردو، پنجابي، فارسي، بنگالي، پشتو، سنڌي ۽ هندي ۾ گيت ڳايا ۽ هر طرف سنسني پيدا ڪري ڇڏي.پاڪ-ڀارت جنگ دوران هن پنهنجي گيتن سان عوام ۽ سپاهين جو رت گرم ڪيو.شاهراهه آفاق گلوڪاره 40 جي لڳ ڀڳ فلمن ۾ به اداڪاري جا جوهر ڏيکاري چڪي آهي ۽ ڪيترائي قومي ۽ بين الاقوامي ايوارڊ ماڻيا آهن.










