اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اڄ سڄي ملڪ ۾ عيد الفطر مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي پئي وڃي.ملڪ جي شهرن ۾ هزارين ننڍا ۽ وڏا عيد نماز جا اجتماع منعقد ٿي رهيا آهن، جن ۾ مسلم امت ۽ ملڪ جي امن، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعائون گهريون پيون وڃن.نماز کان پوءِ ماڻهن هڪ ٻئي کي عيد جون مبارڪون ڏنيون.










