ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ تيزي سان اضافو

ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ تيزي سان اضافو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ملڪ ۾ سون جي في تولو قيمت ۾ تيزي سان واڌ جو سلسلو جاري آهي ۽ اڄ به هڪ تولو سون جي قيمت ۾ 1850 رپين جو اضافو ٿي ويو آهي.هڪ تولو سون جو اگهه 1850 رپيا واڌ سان 1 لک 80 هزار 650 رپيا جڏهن ته 10 گرام سون جو اگهه 1586 رپيا واڌ سان 1 لک 54 هزار 878 رپيا ٿي ويو آهي.عالمي مٽا سٽا ۾ سون جو اگهه 7 ڊالر وڌي 1815 ڊالر ٿي ويو. چئن ڏينهن دوران ملڪ ۾ سون جي في تولو قيمت ۾ 7950 رپين جو اضافو ٿيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو