ملڪ جي مختلف حصن مان خليجي ملڪن ڏانهن 58 اڏامون رد

ملڪ جي مختلف حصن مان خليجي ملڪن ڏانهن 58 اڏامون رد

لاهور: (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي مختلف هوائي اڏن تان خليجي ملڪن ڏانهن ويندڙ ڪل 58 اڏامون رد ڪيون ويون آهن.ايئرپورٽ ذريعن موجب، اڏامن جي رد ٿيڻ سبب مسافرن کي سخت مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پيو. علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ لاهور کان ابو ظهبي، دبئي ۽ شارجه لاءِ 6 ٻطرفي اڏامون رد ڪيون ويون. اسلام آباد ايئرپورٽ کان دبئي، ابو ظهبي، فجيره، شارجه، جده، رياض ۽ العين لاءِ 24 ٻطرفي اڏامون رد ڪيون ويون، جڏهن ته پشاور ايئرپورٽ کان دوحا، دبئي، ابو ظهبي ۽ فجيره لاءِ 12 ٻطرفي اڏامون رد ڪيون ويون.ذريعن موجب، ڪراچي ايئرپورٽ کان دبئي، ابو ظهبي، مشهد، بحرين، شارجه ۽ مسقط لاءِ 16 ٻطرفي اڏامون رد ٿيڻ جو شڪار آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو