لاهور(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان وڏي ڳالهه ٻولهه ڪرڻي پوندي.لاهور ۾ انڊس اسپتال جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته ملڪ کي گرانڊ ڊائيلاگ جي سخت ضرورت آهي، ان لاءِ اسان کي سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان گرانڊ ڊائلاگ ڪرڻو پوندو. وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن حڪومت سان سٺا ماڻهو ڪم ڪن ته ان کي سياسي رنگ نه ڏنو وڃي، اسان کي پنهنجي پسند ۽ ناپسند کان بالاتر ٿي قومي مفاد ۾ فيصلا ڪرڻا آهن، ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ انا کي مارڻ گهرجي وزيراعظم چيو ته قرضن تي ٻڌل ملڪ ڪيترو وقت زندهه رهندو، ان وقت اسان کي دنيا ۾ پهرين نمبر تي هئڻ گهرجي ها پر بدقسمتي سان اسان تمام پوئتي آهيون.هن وڌيڪ چيو ته صحت ۽ تعليم تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيڻ گهرجي، آءِ ٽي ۽ ٻيا شعبا آهن جن ۾ پاڪستان گهڻو اڳتي وڃي سگهي ٿو، معيشت جو ڦيٿو هلائينداسين، معيشت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌڻو آهي، 75 سالن کانپوءِ اسان سبق نه سکيو آهي، اسان کي هر ڳالهه تي سياست ڪرڻي آهي؟ هن چيو ته مون کي بجلي جي لوڊشيڊنگ جي خبر آهي، ساڍن ٽن سالن ۾ ملڪ ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، ان جو حساب وٺڻو آهي يا نه، اهو صرف مون کان ورتو وڃي، مان پنهنجي ٻن مهينن جو حساب ڏيڻ لاءِ تيار آهيان وزيراعظم چيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو فيصلو وڏي دل سان ڪيو ويو، بجلي جا منصوبا ته آهن پر تيل ۽ گئس مهانگو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته قومون ترتيب ۽ منصوبابندي سان ٺهنديون آهن، جنهن لاءِ اسان سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.










