ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ اڄ موسم سخت گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان

ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ اڄ موسم سخت گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان

لاهور(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ اڄ موسم گرم ۽ خشڪ رهندو، جڏهن ته ڏکڻ علائقن ۾ انتهائي گرم رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته اڄ ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهندي، جڏهن ته ڏکڻ علائقن ۾ گرمي جي شدت ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان آهي.
1. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي مٿئين علائقن ۾ مينهن بند ٿي ويو آهي، پر وڌيڪ مينهن جي توقع آهي.
بلوچستان جي اڪثر ضلعن ۾ موسم خشڪ ۽ گرم آهي. صوبي جي ڏکڻ ضلعن ۾ موسم انتهائي گرم رهندي. سبي ۾ گرمي پد 45 ڊگري ۽ تربت ۾ 46 ڊگري تائين پهچي ويو آهي.
ڪراچي ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران آسمان صاف ۽ موسم گرم رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب شهر ۾ وڌ کان وڌ گرمي پد 35 کان 37 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو.
موسميات کاتي موجب، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ گرمي پد تربت ۽ نوابشاهه ۾ 46 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
ان کان علاوه، اسڪرند ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 45 ڊگري سينٽي گريڊ، دادو، لسٻيلا، موهن جو دڙو 44 ڊگري سينٽي گريڊ، حيدرآباد، سکر ۾ 42 ڊگري سينٽي گريڊ، ملتان، ساهيوال 38 ڊگري سينٽي گريڊ، ڪراچي 35 ڊگري سينٽي گريڊ، لاهور 34 ڊگري سينٽي گريڊ، اسلام آباد، پشاور 33 ڊگري سينٽي گريڊ، ڪوئيٽا، مظفر آباد 30 ڊگري سينٽي گريڊ ۽ گلگت ۾ 23 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو

پهنجو تبصرو موڪليو