اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم سويلين جو فوجي عدالتن ۾ ٽرائل ڪرڻ جي خلاف ڪيس ۾ فروغ نسيم جون خدمتون حاصلڪري ورتيون ميڊيا رپورٽ مطابق سپريم ڪورٽ ۾ سويلين جا ڪيس فوجي عدالتن ۾ هلائڻ جي خلاف درخواستن تي 7 رڪني لارجر بئنچ اڄ سومر تي ٻڌڻي ڪندي سپريم ڪورٽ وزيراعظم شهبازشريف، گهرو وزير رانا ثناءُالله، خواجه آصف، چئني صوبن، اٽارني جنرل ۽ پي ٽي آئي چيئرمين کي نوٽيس جاري ڪيا آهن ڪيس جي اڄ سومر تي ٿيندڙ ٻڌڻي ۾ وزيراعظم شهبازشريف پاران فروغ نسيم لارجر بئنچ جي سامهون پيش ٿيندو خواجه آصف جي نمائندگي عرفان قادر ڪندو جڏهن ته رانا ثناءُالله طرفان شاهه خاور پيش ٿيندو.










