ملير جا 6 صحافي مڪاني چونڊن ۾ اميدوار ؟

ملير جا 6 صحافي مڪاني چونڊن ۾ اميدوار ؟

ملير ( ڊ ر) مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ ملير ضلعي مان 6 صحافي اليڪشني سياسي ميدان تي لٿل ، پپري ۾ پ پ طرفان علي محمد گبول وائيس چيئرمين نامزد ، پپري مان عوامي تحريڪ جو نامزد ڪائونسلر منظور سولنگي، گلشن حديد مان ن ليگ جو نامزد وائيس چيئرمين صدر الدين شيخ ، کوکراپار مان جي ڊي اي جو نامزد ڪائونسلر عنايت قمبراڻي ، گهگهر مان آزاد اميدوار ربنواز مستوئي ، يوسي مراد ميمڻ مان آزاد ڪائونسلر ممتاز شورو پنهنجي قسمت آزمائيندا ،اليڪشن ۾ حصو وٺڻ تي عوامي پريس ڪلب ملير پنهنجن ٻن ميمبر کي 24 جولائي تائين معطل ڪري ڇڏيو ، تفصيل موجب مڪاني ادارن جي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ 24 جولائي تي ٿيندڙ مڪاني چونڊن ۾ ملير ضلعي مان 6 صحافي اليڪشني سياسي ميدان تي لٿل آهن جن ۾ يوسي پپري مان پي پي جو نامزد وائيس علي محمد گبول ، عوامي تحريڪ جو نامزد اميدوار منظور سولنگي ، يوسي گلشن حديد ۾ ن ليگ جو نامزد وائيس چيئرمين صدر الدين شيخ ، جي ڊي اي جو کوکراپار مان نامزد ڪائونسلر عنايت قمبراڻي ، گهگهر مان آزاد اميدوار ربنواز مستوئي ، يوسي مراد ميمڻ مان آزاد ڪائونسلر اميدوار ممتاز شورو پنهنجي قسمت آزمائيندا ان سلسلي ۾ عوامي پريس ڪلب ملير اليڪشن ۾ حصو وٺڻ تي ٻن ميمبرن منظور سولنگي ۽ عنايت قمبراڻي کي 24 جولائي تائين معطل ڪري ڇڏيو آهي هوڏانهن يوسي گلشن حديد ، يوسي پپري ، کوکراپار ۾ بيٺل صحافين جو مخالفن سان سخت مقابلي جي اميد ظآهر ڪئي وئي آهي اميدوار صحافين ان سلسلي ۾ سياسي ورڪ تيز ڪندي در در مهم تيز ڪري ڇڏي آهي

پهنجو تبصرو موڪليو