ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ملير ايڪسپريس وي جي تعميري ڪم جي اڳڀرائي بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 9 ڪلوميٽر جي پهرين پورشن جو افتتاح 11 جنوري تي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. نجي شعبي جي شراڪت سان هلندڙ هن رثا جو افتتاح بلاول ڀٽو ڪندو. اجلاس ۾ بلديات واري وزير سعيد غني، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، خاص مددگار قاسم نويد، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو، بلديات واري سيڪريٽري خالد حيدر شاهه، ٽرانسپورٽ سيڪريٽري اسد زمان ۽ ٻين شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير ٻڌايو ته ملير ايڪسپريس وي جي 9 ڪلوميٽرن جو پهريون حصو مڪمل ٿي ويو آهي ۽ قائد آباد سيڪشن به ٻن مهينن ۾ مڪمل ٿيندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته آٽوميٽڪ ٽول ٽيڪس جو انتظام ڪيو ويو آهي، 18 بوٿ هوندا. ڪار ۽ جيپ کان 100 روپيا ۽ بسن ۽ ٽرڪن کان 200 روپيا ٽول ورتو ويندو. وڏي وزير چيو ته ملير ايڪسپريس وي 5ٿاڻن جي حدن مان گذري ٿو ان ڪري امن امان جي ذميواري سڀني لاڳاپيل ٿاڻن جي هوندي. هن روڊ تي ريسڪيو 1122 جي ايمبولينس ۽ فائربرگيڊ به مقرر ڪئي وڃي ۽ ٽريفڪ پوليس گشت ڪري. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملير ايڪسپريس وي جي کلڻ سان ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽبو، هن روڊ تي رڪشا ۽ موٽر سائيڪل جي هلڻ تي پابندي هوندي.










