راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ميچ کٽڻ لاءِ ملتان کي 203 رنز جو ٽارگيٽ ڏنو آهي. پي ايس ايل جي ستين ميچ ۾ ملتان سلطانز جي ڪپتان محمد رضوان ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو ڪيو. اسلام آباد پاران صاحبزاده فرحان ۽ اينڊريوز غوث اننگ شروع ڪئي. فرحان ٻن ڇڪن ۽ 7 چوڪن جي مدد سان 35 بالن تي 53 ترنس ٺاهي اسامه مير جي بال تي افتخار هٿان ڪيچ ٿيو. ان کان اڳ غوث 10 بالن تي 9 رنسون ٺاهي ڊيوڊ ولي جي بال تي عثمان خان هٿان ڪيچ ٿيو هو. 103 جي مجموعي اسڪور تي شاداب خان، ڪرس جورڊن جي بال تي عبيد شاهه هٿان 14 رنز ٺاهي ڪيچ ٿيو، اعظم خان هن ميچ ۾ به نه هليو ۽ 8 بالن تي 4 رنسون ٺاهي جورڊن جي بال تي شي هوپ هٿان ڪيچ ٿيو. ڪولن منرو 25 بالن تي 48 رنسون ٺاهي عبيد شاهه جي بال تي ڊيوڊ ولي هٿان ڪيچ ٿيو. آخري آئوٽ ٿيندڙ رانديگر حيدر علي هو جنهن 33 رنسون ٺاهيون ۽ حسنين جي بال تي بريسويل هٿان ڪيچ ٿيو. اسلام آباد 20 اوورن ۾ 202 رنسون ٺاهيون.










