اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ملائيشيا ۾ ڦاٿل پاڪستاني ملڪ واپس پهچي ويا آهن. ڪوالالمپور ايئرپورٽ تي ڦاٿل پاڪستانين جي 40 ڪلاڪن کان پوءِ ملڪ واپسي مڪمل ٿي وئي.اسلام آباد ايئرپورٽ تي پهچندي ئي مسافرن پي آءِ اي ۽ سفارتي عملي خلاف شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا. ملڪ واپس پهچندڙ مسافرن جو چوڻ هو ته قومي ايئرلائن(پي آءِ اي) ۽ سفارتي عملي ڪنهن به قسم جو تعاون نه ڪيو ۽ اسان سان برو سلوڪ ڪيو ويو. هن جو چوڻ هو ته اسان 2 ڏينهن تائين ايئرپورٽ جي فرش تي ستل رهياسين جڏهن ته اڃان تائين اسان جو سامان به مڪمل طور تي ناهي مليو. ياد رهي ته ليز تي ورتل جهاز جو ڀاڙو نه ڀرڻ تي پي آءِ اي جو جهاز جمعي تي ڪوالالمپور ايئرپورت تي قبضي ۾ ورتو ويو هو. ان حوالي سان پي آءِ اي جي ترجمان جو چوڻ هو ته ليز تي ورتل جهاز جو معاملو برطانيه جي عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي ۽ ملائيشيا جي مقامي عدالت اسان کي ٻڌڻ کان سواءِ ئي قبضي ۾ وٺڻ جا حڪم جاري ڪيا جيڪي ڳڻتي جوڳا آهن.










