مفتاح اسماعيل ۽ شاهه محمد شاهه پارٽي عهدن تان فارغ

مفتاح اسماعيل ۽ شاهه محمد شاهه پارٽي عهدن تان فارغ

لاهور: (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) اڳوڻي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل ۽ شاهه محمد شاهه کي پارٽي عهدن تان هٽائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته ٻنهي اڳواڻن جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ رهي آهي.مسلم ليگ(ن) سنڌ جي تنظيم سازي ۾ تبديلين جو فيصلو ڪري ورتو. چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته صوبائي صدر شاهه محمد شاهه ۽ جنرل سيڪريٽري مفتاح اسماعيل کي عهدن تان هٽائي نون ماڻهن کي ذميواري ڏني ويندي.مريم نواز شاهه محمد شاهه ۽ مفتاح اسماعيل جي ڪارڪردگي کي مايوس ڪندڙ قرار ڏئي ڇڏيو. چيف آرگنائيزر فيصلو ڪيو آهي ته مفتاح اسماعيل کي پارٽي عهدي تان ڌار ڪري آئنده ڪابه اهم ذميواري نه ڏني ويندي. مريم نواز سينئر اڳواڻن سان غير رسمي ڳالهيون ڪندي وڌيڪ چيو ته ٻنهي اڳواڻن اهم ڪارڪنن کي پارٽي ڇڏڻ تي کين نه روڪيو، نه ئي وري قيادت کي آگاهي ڏني وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو