ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل بيئرسٽر سلمان اکرم راجا، پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ سان گڏ انصاف هائوس ڪراچي ۾ اهم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف لاءِ ملڪ جي معيشت سڀ کان وڌيڪ اهم آهي، ڇو ته جڏهن معيشت هلندي آهي ته غريب جو چلهو هلندو آهي ۽ ملڪ ترقي جي رستي تي اڳتي وڌندو آهي. پريس ڪانفرنس ۾ پي ٽي آءِ جا اڳواڻ آفتاب جهانگير، ايڊووڪيٽ شجاعت، ظهير محسود، ذوالفقار ملاح، معظم خان، رانا اعظم، محمد علي بلوچ، فوزيه صديقي، ايڊووڪيٽ خان زمان ، نويد عالم صديقي، اڪمل آفريدي، وليد هاشمي، شير اعظم ڊومڪي سميت ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا. بيئرسٽر سلمان اکرم راجا چيو ته پي ٽي آءِ ڪنهن سرمائيدار طبقي جي جماعت ناهي، پر غريب عوام جي جماعت آهي ۽ ان جو نظريو غريب پروري تي مبني آهي. هن چيو ته پاڪستان جي معيشت جي ريڙهه زراعت آهي، پر اڄڪلهه هاري سخت مشڪلاتن جو شڪار آهي ۽ کيس پنهنجو جائز حق نٿو ڏنو وڃي. جيڪڏهن معيشت مستحڪم ٿيندي ته پاڪستان مضبوط ٿيندو، ۽ انهي مقصد لاءِ پي ٽي آءِ هر مزدور ۽ هاري سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ انساني حقن جي صورتحال پريشان ڪندڙ آهي، عدالتن جي آزادي تي سوال اٿيا پيا وڃن، شهري جبري طور لاپتہ ڪيا پيا وڃن، ڪراچي مان فروري ۾ 431 پي ٽي آئي ورڪرڪن کي گرفتار ڪرڻ جا واقعا رپورٽ ٿيا. هن چيو ته ڪراچي ۾ راجا اظهر، فهيم خان، ايم پي اي واجد حسين کي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو ۽ چادر ۽ چارديواري جو تقدس پامال ڪيو پيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ميڊيا سچ ڏيکاري ته صحافين کي نوڪري کان محروم ڪيو وڃي ٿو، جيڪو جمهوريت لاءِ خطرناڪ آهي. هن عام چونڊن ۾ ڌاندلي جو الزام لڳائيندي چيو ته عوام جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو، ڪراچي مان قومي اسيمبلي جون 22 سيٽون ۽ ملڪ ۾ 180 سيٽون پي ٽي آئي کان کسيون ويون ۽ اسان کي مخصوص سيٽن کان به محروم ڪيو ويو. هن عزم ظاهر ڪيو ته پي ٽي آءِ هر ظلم خلاف آواز بلند ڪندي رهندي ۽ عوام جي آئينی حقن، عدليه جي آزادي ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ جدوجهد جاري رکندي. معيشت جي صورتحال تي ڳالهائيندي هن چيو ته گذريل چار سالن ۾ ڪا به مثبت تبديلي نه ٿي ۽ معيشت لڳاتار زوال هيٺ آهي. هن چيو ته ٽيڪس نظام کي منصفاڻو بڻائڻو پوندو ۽ تنخواہ دار طبقي تي وڌيڪ بار وڌائڻ بدران اشرافيه کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ گهرجي. هن پنجاب حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته عوامي مسئلن جي بدران شاهانه خرچن تي اربين رپيا ضايع ڪيا پيا وڃن، پنجاب جي وزيراعليٰ اربين رپيا جهاز خريد ڪرڻ ۽ ان جي سار سنڀال لاءِ مهيني ڪروڙين رپيا خرچ ڪري رهي آهي، ٻئي جڏهن ته ٻئي پاس موجوده حڪومتون عوام کي ڪفايت شعاري ڪرڻ جو سبق پڙهائي رهيون آهن. هن چيو ته ارڙهين ترميم کانپوءِ تعليم ۽ صحت جا شعبا صوبن جي ذميواري آهن، جڏهن ته اين ايف سي ايوارڊ تحت صوبن کي انهن جو جائز حصو ملڻ گهرجي، پر بدقسمتي سان خيبرپختونخوا کي پنهنجو حق نه ڏنو پيو وڃي. 2021 ۾ نئون اين ايف سي ايوارڊ اچڻ گهرجي ها، پر اڃا تائين ناهي آيو، ۽ سالياني 170 ارب رپين جا فنڊ به خيبرپختون خواه کي مهيا نه ڪيا ويا. بيئرسٽر سلمان اکرم راجا اعلان ڪيو ته پي ٽي آءِ گذريل ڏينهن پشاور ۾ عمران خان جي آزادي لاءِ تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ عوام کان اپيل ڪئي آهي ته اهي هن آئينی جدوجهد جو حصو بڻجن. هن چيو ته اها تحريڪ آئين جي دائري ۾ رهندي ۽ هر پاڪستاني کي ان ۾ شامل ٿيڻ جو حق حاصل آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ پاڪستاني فوج سان گڏ آهي ۽ سرحدن تي تعينات هر سپاهي جي قربانين کي قدر جي نگاه سان ڏسي ٿي. هن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان خطي ۾ امن لاءِ ڪردار ادا ڪري ٿو ته اها خوش آئند ڳالهه آهي. عمران خان خلاف سڀني ڪيسن کي هن سياسي انتقام قرار ڏنو ۽ چيو ته 190 ملين پائونڊ ڪيس ۽ توشه خانو ڪيس بي بنياد آهن، ۽ جڏهن عدليه آزاد ٿيندي ته انصاف ضرور ملندو. هن وڌيڪ چيو ته موجوده حڪومت جي پاليسين زراعت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، هارين جي پاڻي تي حملو ڪيو ويو ۽ سنڌ ۽ پنجاب جهڙن زرعي صوبن ۾ فصلن کي شديد نقصان پهتو آهي. جڏهن سنڌ جي پاڻي جي ورڇ جو معاملو آيو ته پهريان پي ٽي آءِ سنڌ جي عوام سان گڏ بيٺي ۽ آواز بلند ڪيو، هاڻي هارين کي انهن جو حق نه ڏنو پيو وڃي، اسان هارين سان گڏ آهيون. هن واضح ڪيو ته ذلفي بخاري ۽ قاسم خان ڪنهن ڀارتي اڳواڻ سان ملاقات نه ڪئي آهي، بي بنياد الزام لڳايا ويا آهن، پي ٽي آءِ ڀارت جي ڪنهن بيانيه جو حصو ناهي ۽ ڪنهن ڀارتي اڳواڻ سان ملاقات جا الزام حقيقت تي ٻڌل نه آهن. جن ماڻهن الزام لڳايا آهن انهن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ انهن وزيرن کي ليگل نوٽس موڪليا ويندا. بيئرسٽر سلمان اکرم راجا چيو ته قاسم خان تي لڳايل الزام بي بنياد ۽ ڪوڙ تي مبني آهن، انهن جي تقرير سوشل ميڊيا تي موجود آهي جنهن ۾ ڪا متنازع ڳالهه ناهي ڪئي وئي. هن واضح ڪيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف GSP+ جي خلاف ناهي پر ان سان گڏ آهي، ڇو ته اهو هڪ بين الاقوامي معاهدو آهي جنهن ۾ انساني حقن جي پاسداري شامل آهي. سوال اهو آهي ته ڇا رياست پاڪستان پنهنجي شهري کي اهي بنيادي حق مهيا ڪري رهي آهي جن جي ضمانت آئين ڏئي ٿو؟هن موقعي تي پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ خطاب ڪندي چيو ته بيئرسٽر سلمان اکرم راجا عمران خان جي نظريي لاءِ هر قرباني ڏني آهي ۽ ملڪ ۾ عدليه جي آزادي ۽ حقيقي جمهوريت لاءِ جدوجهد ۾ بيٺو آهي. هن چيو ته ڪراچي پوري پاڪستان جو تقريباً 65 سيڪڙو آمدني ڏئي ٿو جڏهن ته سنڌ جو 90 سيڪڙو آمدني پڻ ڪراچي مان حاصل ٿئي ٿي، پر ان شهر کي کنڊڙ بڻايو ويو آهي. هن پاڪستان پيپلزپارٽي جي 18 سالن جي حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته سنڌ ۾ 30 هزار ارب رپين جو بجيٽ خرچ ٿيڻ باوجود ڪا ترقي نه ٿي، پر ڪرپشن وڌي وئي آهي. هن الزام لڳايو ته سنڌ ۾ اربين رپين جي ڪرپشن ۽ 190 ارب رپين جي ڪڻڪ چوري جا اسڪينڊل سامهون آيا آهن، جڏهن ته هارين کي پنهنجو حق نه ڏنو پيو وڃي. حليم عادل شيخ چيو ته نااهل حڪمرانن سبب مهانگائي تاريخي سطح تي پهچي وئي آهي، ملڪ جي اڌ آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ وڃي چڪي آهي. پيٽروليم شين تي بھاري ليوي ٽيڪس لڳائي عوام کي ڦريو پيو وڃي، موجوده حڪومت عوام کي ڪوبه رليف فراهم نه ڪيو آهي ، ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ مهانگائي جو بوجھ عوام تي وڌايو ويندو. هن چيو ته پي ٽي آءِ عوام جي حقيقي نمائندگي ڪندڙ جماعت آهي ۽ عوام سان بيٺل آهي. هن چيو ته عمران خان جي آزادي امن موومينٽ جو اعلان ٿي چڪو آهي، سنڌ جي عوام عمران خان سان گڏ بيٺل آهي، قوم جي عظيم اڳواڻ عمران خان جي آزادي ، ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت جي قيام ۽ آئين ۽ قانون جي بالادستي لاءِ سنڌ جي عوام هن تحريڪ ۾ شامل ٿيندي. هن ميڊيا کان اپيل ڪئي ته سنڌ جي عوام جي آواز بڻجي ۽ حقيقي مسئلن کي اجاگر ڪري، جڏهن ته پي ٽي آءِ هر سطح تي عوام جي حقن لاءِ جدوجهد جاري رکندي.










