مظفر آباد ۾ آرمي ھيليڪاپٽر سان پيش آيل حادثي تي افسوس جو اظھار

مظفر آباد ۾ آرمي ھيليڪاپٽر سان پيش آيل حادثي تي افسوس جو اظھار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ مظفر آباد ۾ پاڪ آرمي جي ھيليڪاپٽر سان پيش آيل حادثي تي افسوس جو اظھار ڪندي شھادت ماڻيندڙ پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن جي پونئرن سان تعزيت جيو اظھار ڪيو آھي. ھڪ بيان ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ جي جھوريندڙ حادثي تي پوري قوم سوڳوار آھي، وطن جي بھادر سپوتن جون خدمتون ۽ قربانيون سدائين ياد رکيون وينديون. ھن چيو ته پوري قوم ڏُک جي ھن گھڙي ۾ شھيدن جي گھر ڀاتين سان گڏ ۽ سندن غم ۾ برابر جي شريڪ آھي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ دعا ڪئي ته اللہ تعاليٰ شھيدن جا درجات بلند ڪري

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو