اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ڪئپٽن رٽائرڊ محمد صفدر عمران خان جي 6 تڪن ۾ ڪاميابي تي چيو ته مزو ته تڏهن ايندو جڏهن ميان ايندو اسلام آباد هاءِڪورٽ جي باهران صحافين سان ڳالائيندي هن چيو ته عمران خان 6 تڪ انهيءَ ڪري کٽيا جو هو 6 تڪن ۾ پاڻ بيهي رهيو مزدو ته تڏهن ايندو جڏهن ميان ايندو هن چيو ته عمران خان کي پتو هو ته مان هارائي ويندس تنهنڪري پاڻ بيهي رهيو. هن چيو ته مريم صاحبه گذريل ڀيري نوازشريف کي وٺي آئي هئي هن ڀيري به وٺي ايندي هن چيو ته شهبازشريف وزيراعطم پاڪستان آهي هن چيو ته ورڪرن اليڪشن پنهنجي زور تي وڙهي 2018 جون چونڊون چوري ٿيون هن چيو ته شڪر آهي الله جو منهنجا ڪيس خيبرپختونخواه ۾ جرئتمند ماڻهن وٽ هئا.










