دنيا ۾ مزدورن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، سيمينار ۽ ريليون

دنيا ۾ مزدورن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، سيمينار ۽ ريليون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ مزدورن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، غربت، بيروزگاري، مهانگائي ۽ گهٽ اجرت اڄ مزدورن جا وڏا مسئلا آهن.مزدورن لاءِ ملهايل ڏينهن تي به مزدور ان ڏينهن جي اهميت کان سواءِ پنهنجي ٻارن جي ماني لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. مزدورن جي ڏينهن تي گوگل جو ڊوڊل به تبديل ڪيو ويو، جڏهن ته اڄ سڄي ملڪ ۾ عام موڪل آهي.پهرين مئي 1886ع تي آمريڪي شهر شڪاگو جا مزدور سرمائيدارن ۽ صنعتڪارن جي استحصال خلاف روڊن تي نڪري آيا، پر پوليس ان جلوس تي فائرنگ ڪري سوين مزدورن کي شهيد ۽ زخمي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته درجنين ماڻهن احتجاج انهن جي حق لاءِ آواز بلند ڪيو. شڪاگو جي مزدورن سان يڪجهتي لاءِ پهرين مئي تي دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ مزدورن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي.اهو ڏينهن هر سال پهرين مئي تي ان عزم سان ملهايو ويندو آهي ته مزدورن جي معاشي حالتن کي تبديل ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪيون وينديون.پاڪستان ۾ مزدورن جو ڏهاڙو قومي سطح تي ملهائڻ جي شروعات 1973ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي دور حڪومت ۾ ٿي.هن ڏينهن جي موقعي تي ملڪ جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ تقريبون، سيمينار، ڪانفرنسون ۽ ريليون منعقد ڪيون وينديون آهن. مزدور اڳواڻن جو چوڻ آهي ته پرائيويٽ سيڪٽر ۾ ڪم ڪندڙ لکين مزدورن کي اڃا تائين صحت سميت سماجي تحفظ جون سهولتون ميسر ناهن. حڪومت پاران گهٽ ۾ گهٽ اجرت جي اعلان تي عمل نه ٿي رهيو آهي.هنن مطالبو ڪيو ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلين سميت سينيٽ ۾ مزدورن جي نمائندگي کانسواءِ مزدورن جي مفاد ۾ قانون سازي نٿي ٿي سگهي، سموريون سياسي پارٽيون مزدورن لاءِ مخصوص سيٽون مختص ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو