مريم نواز جي عدليه مخالف بيان تي سندس خلاف ٻڌڻي

مريم نواز جي عدليه مخالف بيان تي سندس خلاف ٻڌڻي

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز جي مبينا عدليه مخالف بيان تي ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست تي عدالت پوليس کي رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ 9 سيپٽمبر تائين مهلت ڏئي ڇڏي. ايڊيشنل سيشن جج مريم نواز خلاف داخل ڪيس جي ٻڌڻي مقامي شهري جي درخواست تي ڪئي، عدالت ايس ايڇ او باغبانپوره کي 9 سيپٽمبر تائين رپورٽ پيش ڪرڻ جو وقت ڏنو. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته مريم نواز 25 جولاءِ تي پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ جي موقعي تي عدليه خلاف بيان ڏنو.درخواستگذار چيو ته مريم نواز خلاف باغبانپوره ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪرايو. پوليس ان حوالي سان ڪا به ڪارروائي نه ڪئي، عدالت پوليس کي مريم نواز خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو