مريم نواز جا بيان تنگ نظر ۽ ڏفيڙ پيدا ڪندڙ آهن، مري

مريم نواز جا بيان تنگ نظر ۽ ڏفيڙ پيدا ڪندڙ آهن، مري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) جي اڳواڻ شازيه مري چيو آهي ته پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز جا بيان تنگ نظر ۽ تفرقه انگيز آهن، پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز جي بيانن تي رد عمل ڏيندي شازيه مري چيو آهي ته پاڪستان کوکلي بيانن جو متحمل نٿو ٿي سگهي، پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز کي تفرقه انگيز معاملن تي نه پر خدمت تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.هن وڌيڪ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو هميشه ٻوڏ متاثرين جي مدد تي ڌيان ڏئي ٿو، ماڻهو اڃا تائين پاڻيءَ ۾ ڦاٿل آهن ۽ مدد جي انتظار ۾ آهن، پيپلز پارٽي عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿي، کوکلي بيانن تي نه ، شازيه مري چيو ته جيڪي ماڻهو جوس جي دٻن تي پنهنجون تصويرون لڳائي رهيا آهن، ٽڪ ٽاڪ ٺاهي رهيا آهن ۽ ان کي امدادي ڪم سڏي رهيا آهن، اهي اصل ۾ سياست ڪري رهيا آهن. مسلم ليگ ن پنجاب حڪومت کي ڏيکاريو ڪرڻ بدران خدمت تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. بي گهر ٻوڏ متاثرين لاءِ امداد گهرڻ ڪڏهن کان جرم بڻجي ويو؟، هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو وفاقي حڪومت کان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي مدد گهري. چيئرمين پي پي پي پنجاب حڪومت جي تعريف ڪئي پر وفاقي حڪومت کي قدرتي آفت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ چيو. بلاول ڀٽو زرداري بجلي جي بلن ۾ رليف ۽ زرعي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، شازيه مري چيو آهي ته اسان شڪرگذار آهيون ته وزيراعظم شهباز شريف ٻنهي مطالبن کي قبول ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف کي فوري طور تي بي آءِ ايس پي ذريعي نقد امداد جو اعلان ڪرڻ گهرجي، جيئن هن 2022 ۾ ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو