ٽنڊوباگو ( رپورٽ: ڄام سھيل سمون ) اڄ شاھ لطيف جي نگري ۾ سندس 277 ھين عرس مبارڪ جي موقعي تي 41ھين ايوارڊ تقريب ٿي’ ان ۾ مختلف شخصيتن کي ايوارڊ ڏنا ويا ۽ مختلف ڪتابن جي مھورت پڻ ٿي. ثقافت کاتي قدرداني ڪندي سنڌ ۽ لاڙ جي عظيم جاکوڙي محقق ۽ لاڙ ميوزيم بدين جي باني محمد سومار شيخ کي لطيف ايوارڊ سان نوازيو. ۽ سندس 34 سال اڳ لکيل ڪتاب “لطيف جا لاڙ تان ڀيرا” ٻيهر ڇپرايو ۽ وزير ثقافت سائين سردار شاھ مھورت ڪئي . لطيف ايوارڊ محمد سومار شيخ جي فرزند انور علي وصول ڪيو’ محمد سومار شيخ کي مليل ايوارڊ سنڌ . لاڙ ۽ بدين وارن لاء پڻ وڏو اعزاز آھي .ايوارڊ وصول ڪرڻ جي تقريب ۾ ڊاڪٽر شرف الدين ٽالپر انچاج لاڙ ميوزيم, زبير جعفراڻي ۽ کتري ابراھيم خليل شرڪت ڪئي۔










