محمد سومار شيخ کي 34 سال بعد لطيف ايوارڊ ملي ويو

محمد سومار شيخ کي 34 سال بعد لطيف ايوارڊ ملي ويو

ٽنڊوباگو ( رپورٽ: ڄام سھيل سمون ) اڄ شاھ لطيف جي نگري ۾ سندس 277 ھين عرس مبارڪ جي موقعي تي 41ھين ايوارڊ تقريب ٿي’ ان ۾ مختلف شخصيتن کي ايوارڊ ڏنا ويا ۽ مختلف ڪتابن جي مھورت پڻ ٿي. ثقافت کاتي قدرداني ڪندي سنڌ ۽  لاڙ جي عظيم جاکوڙي محقق ۽ لاڙ ميوزيم بدين جي باني  محمد سومار شيخ کي لطيف ايوارڊ سان نوازيو.  ۽ سندس 34 سال اڳ لکيل ڪتاب “لطيف جا لاڙ تان ڀيرا” ٻيهر ڇپرايو  ۽  وزير ثقافت سائين سردار شاھ مھورت ڪئي . لطيف ايوارڊ  محمد سومار شيخ جي فرزند انور علي وصول ڪيو’  محمد سومار شيخ کي مليل ايوارڊ سنڌ  . لاڙ  ۽ بدين وارن لاء پڻ وڏو اعزاز آھي .ايوارڊ وصول ڪرڻ جي تقريب ۾ ڊاڪٽر شرف الدين ٽالپر انچاج لاڙ ميوزيم, زبير جعفراڻي  ۽ کتري ابراھيم خليل شرڪت ڪئي۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو