محرم الحرام ۾ نگراني لاءِ ڪنٽرول روم قائم ڪرڻ جو فيصلو

محرم الحرام ۾ نگراني لاءِ ڪنٽرول روم قائم ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت محرم الحرام ۾ نگراني لاءِ ڪنٽرول روم قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو ته محرم الحرام ۾ جلسون ۽ مجلسن کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ خاص ٽيمون جوڙيون وينديون.هن چيو ته محرم الحرام ۾ نگراني لاءِ ڪنٽرول روم قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مذهبي نفرت کي روڪڻ لاءِ آن لائن پليٽ فارمز جي سخت نگراني ڪئي ويندي.واضح رهي ته ملڪ ۾ پهرين محرم الحرام آچر 31 جولاءِ تي هوندي، جڏهن ته عاشوري جو ڏينهن 9 آگسٽ اڱاري تي ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو