ماڊل ٿيڻ  جي خواهش هئي، ملائڪا رول ماڊل آهي، ڪترينا

ماڊل ٿيڻ جي خواهش هئي، ملائڪا رول ماڊل آهي، ڪترينا

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي باربي ڊول ڪترينا ڪيف انڪشاف ڪيو آهي ته اداڪاري ۾ کيس حادثاتي طور پيش آيو، هوءَ اصل ۾ ماڊل بڻجڻ چاهي ٿي ۽ ملائڪا اروڙا سندس رول ماڊل هئي.ٽائيگر 3 جي اداڪاره ڪترينا ڪيف تازو ئي هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته هوءَ شوبز جي دنيا ۾ اچڻ کانپوءِ ئي ماڊل بڻجڻ چاهي ٿي، هوءَ ممبئي رڳو ماڊلنگ لاءِ آئي هئي، ان دوران سندس رول ماڊل اداڪارا ۽ سپر ماڊل ملائڪا اروڙا هئي.ڪترينا ڪيف ڀارتي ميڊيا ميش ايبل انڊيا کي هڪ انٽرويو دوران پراڻين يادن کي تازو ڪندي وڌيڪ چيو ته جڏهن مون بمبئي ۾ ماڊل طور ڪيريئر جي شروعات ڪئي ته ان دوران منهنجو ارادو صرف ماڊل بڻجڻ جو هو.هن وڌيڪ چيو ته ”منهنجي ڪيريئر جي شروعات ۾ منهنجو رول ماڊل ماڌو سپري ۽ لڪشمي مينن هئا، اهي ان وقت جون سپر ماڊل هيون ۽ اصل ۾ ملائڪا اروڙا به ان وقت ماڊلنگ ڪندي هئي، ملائڪا اروڙا به ان وقت ماڊلنگ ڪندي هئي، اهي ئي ماڊل نظر اينديون هيون. تائين ڏٺو ۽ انهن وانگر مان به هڪ ماڊل بڻجڻ چاهيان ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو