مالي سال ۾ سڌي سنئين پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 33.9 سيڪڙو گهٽتائي

مالي سال ۾ سڌي سنئين پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 33.9 سيڪڙو گهٽتائي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزارت خزانه ملڪي معيشت بابت ماهوار آئوٽ لڪ رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ سڌي سنئين پرڏيهي سيڙپڪاري (FDI) ۾ 33.9 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، ۽ عالمي سطح تي تيل جي قيمتن ۾ اڀار سبب پاڪستان ۾ مهنگائي جو دٻاءُ وڌڻ جو خدشو آهي. وزارت خزانه موجب جولاءِ 2026ع ۾ مهنگائي 9 کان 10 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي. آمريڪا ۽ ايران جي ڇڪتاڻ عالمي توانائي جي قيمتن ۽ مالي بازارن (فنانشل مارڪيٽس) لاءِ خطرو آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مالي سال 2025-26 ۾ سڌي سنئين پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 33.9 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. پرڏيهي سيڙپڪاري 2.477 ارب ڊالرن مان گهٽجي 1.636 ارب ڊالر رهجي وئي.وزارت خزانه موجب جون 2026ع ۾ سڌي سنئين پرڏيهي سيڙپڪاري صرف 13.5 ملين ڊالر رهي، جڏهن ته مالي سال 2025-26 ۾ مجموعي پرڏيهي سيڙپڪاري 3.6 ارب ڊالر رهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مالي سال 2025-26 ۾ ملڪي برآمدات 4.6 سيڪڙو گهٽتائي سان 30.8 ارب ڊالر رهيون، جڏهن ته پرڏيهي ناڻو (ريمٽنس) 41.6 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو. وزارت خزانه جو چوڻ آهي ته پرڏيهي ناڻي ۾ سالياني بنياد تي 8.6 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو.وزارت خزانه موجب 17 جولاءِ تائين پاڪستان جا پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 22.7 ارب ڊالر هئا، جڏهن ته اسٽيٽ بئنڪ وٽ ذخيرا 17.3 ارب ڊالرن تائين پهچي ويا. ان کان علاوه مالي سال 2025-26 ۾ FBR جي ٽيڪس وصولي 13.01 ٽريلين رپيا رهي، FBR ٽيڪس وصولين ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 10.8 سيڪڙو اضافو ٿيو. رپورٽ موجب جولاءِ کان مئي تائين مالي خسارو جي ڊي پي (GDP) جي 1.6 سيڪڙو تائين محدود رهيو.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته برساتن جي کوٽ سبب خريف جي فضلن کي پاڻي جي کوٽ جو خطرو ٿي سگهي ٿو، جنهن سان ڪپهه، چانور، ڪمند ۽ مڪئي جا فصل متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي. رپورٽ موجب جولاءِ کان مئي تائين وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ 5.8 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو