مارگلا هلز ۾ غير قانوني اڏاوتن بابت رپورٽ طلب

مارگلا هلز ۾ غير قانوني اڏاوتن بابت رپورٽ طلب

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ مارگلا هلز ۾ غير قانوني اڏاوتن بابت سي ڊي اي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.سپريم ڪورٽ جي آئيني بئنچ مارگلا هلز تي غير قانوني اڏاوتن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران سي ڊي اي جو وڪيل ۽ ڊي جي ماحوليات عدالت ۾ پيش ٿيا.ان موقعي تي مونال ريسٽورنٽ جي وڪيل چيو ته سپريم ڪورٽ جي آئيني بئنچ جي حڪم تي اسان جي ريسٽورنٽ کي ڊاهي ڇڏيو ويو پر مارگلا هلز ۾ اڃا تائين 134 هوٽل ريسٽورنٽ ۽ ڪوسڪس قائم آهن،جنهن تي جسٽس جمال مندوخيل چيو ته مارگلا هلز محفوظ علائقو آهي، اتي هر قسم جي اڏاوت کي غير قانوني قرار ڏنو ويو آهي.جسٽس مظهر پڇاڻو ڪيو ته مارگلا هيلز ۾ هن وقت ڪيتريون غير قانوني اڏاوتون قائم آهن؟ ان تي وڪيل ميونسپل ڪارپوريشن جو چوڻ هو ته مارگلا هلز تي 80 کان 132 اڏاوتون رهجي ويون آهن، جڏهن ته اسلام آباد ڪلب به مارگلا هلز نيشنل پارڪ ۾ اچي ٿي،ان موقعي تي جسٽس نعيم چيو ته 1960 جي ماسٽر پلان ۾ سپريم ڪورٽ به مارگلا نيشنل پارڪ جي حدن ۾ ٺاهي وئي هئي. سي ڊي اي کي گهرجي ته سڀ کان پهريان مونل جي چوڌاري غير قانوني اڏاوتن کي چيڪ ڪري.جسٽس جمال مندوخيل پڇاڻو ڪيو ته ڇا سپريم ڪورٽ جو فيصلو صرف مونال لاءِ آهي؟ عدالت مارگلا هيلز ۾ اڏاوت جا ضابطا طئي ڪري ڇڏيا، سي ڊي اي پنهنجو ڪم ڇو نٿي ڪري؟ جسٽس مسرت چيو ته سي ڊي اي عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڇو ڪري رهي آهي؟ ڊي جي ماحوليات عدالت کي ٻڌايو ته مارگلا هلز ۾ هن وقت 50 زاهد کوکا هلي رهيا آهن، جنهن سبب مارگلا هيلز ۾ ماحولياتي گدلاڻ پيدا ٿي رهي آهي، عدالت کوکا ڊاهڻ کان روڪي ڇڏيو هو،بعد ۾ آئيني بئنچ مارگلا هلز ۾ غير قانوني اڏاوتن بابت سي ڊي اي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو