اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جو چوڻ آهي ته ايندھن جي دستيابي بابت ملڪ جو موقف اطمينان بخش آهي.ناڻي واري وزير جي صدارت هيٺ پيٽروليم شين بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. بريفنگ ۾ چيو ويو ته مارچ لاءِ گهرجون مڪمل طور تي محفوظ ڪيون ويون آهن ۽ اپريل لاءِ به سپلاءِ يقيني بڻائڻ لاءِ منصوبا ٺاهيا ويا آهن.اجلاس ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته عالمي مارڪيٽ مان سپلاءِ جا وڌيڪ ذريعا ڳوليا پيا وڃن.ان موقعي تي سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته ايندھن جي دستيابي بابت ملڪ جو موقف اطمينان بخش آهي، خوف جي خريداري يا غير ضروري ذخيره اندوزي جي ڪا ضرورت ناهي.ٻئي طرف پيٽروليم سيڪريٽري چيو آهي ته 14 اپريل کان پوءِ ملڪ ۾ ايل اين جي دستياب نه هوندي، جنهن جي ڪري پاور سيڪٽر اپريل ۾ پنهنجي گئس جي ضرورتن کي پورو نه ڪري سگهندو.










