لڪي مروت(ويب ڊيسڪ) پوليس اهلڪار ساٿين جي شهادت خلاف اڱاري تي به احتجاج ڪري رهيا آهن. سادن ڪپڙن ۾ سرڪاري هٿيار کڻي روڊ بلاڪ ڪري نعريبازي ڪري رهيا آهن. احتجاج ختم ڪرڻ لاءِ ڊي پي او ۽ ڊي سي لڪي مروت ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيون پر ناڪام رهيا. پوليس اهلڪارن جو چوڻ آهي ته فوج کي ضلعي نيڪالي ڏيو، پوليس دهشتگردن کي پاڻ منهن ڏيندي. احتجاج ڪندڙ پوليس اهلڪار نعرا هڻي رهيا آهن ته ’ يه جو دهشتگردي هي اس ڪي پيڇي وردي هي‘. سندن چوڻ آهي ته 5 پوليس جا جوان شهيد ٿيا آهن جنهن جي ذميوار فوج آهي.










