لياري ۾ رينجرز اهلڪار جو قاتل پوليس آفيسر جو پٽ گرفتار

لياري ۾ رينجرز اهلڪار جو قاتل پوليس آفيسر جو پٽ گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): ڪراچي جي علائقي لياري ۾ رينجرز اهلڪار جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي، جيڪو هڪ پوليس آفيسر جو پٽ ٻڌايو وڃي ٿو. ڊي آئي جي سائوٿ اسد رضا ميڊيا کي تفصيل ٻڌائيندي چيو ته لياري ۾ رينجرز اهلڪار کي فائرنگ ڪري قتل ڪندڙ جوابدار ساحل کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جيڪو واقعي کانپوءِ گرفتاريءَ کان بچڻ لاءِ بلوچستان فرار ٿي ويو هو، ڊي آئي جي موجب جاچ مان معلوم ٿيو آهي ته مقتول رينجرز اهلڪار ۽ جوابدار جي وچ ۾ ذاتي دشمني هئي، جنهن جي ڪري جوابدار پوري منصوبابندي ۽ ريڪي ڪرڻ کانپوءِ اهلڪار تي فائرنگ ڪئي. ياد رهي ته 18 جولائي تي لياري واري علائقي ۾ فائرنگ ڪري رينجرز اهلڪار عبدالقيوم کي شهيد ڪيو ويو هو، جنهن جي ايف آئي آر داخل ٿيڻ بعد پوليس جديد ٽيڪنالاجي ۽ ڳجهي اطلاع جي مدد سان جوابدار کي سنڌ مان ٻاهر ڪارروائي ڪري هٿ ڪيو آهي. پوليس پاران جوابدار کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا جاري آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو