لطيف کوسه جو پاڳاري سان رابطو، عمران خان جو پيغام پهچايو

لطيف کوسه جو پاڳاري سان رابطو، عمران خان جو پيغام پهچايو

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ ۽ نئين چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبر لطيف کوسه پير پاڳارا کي پي ٽي آءِ باني جو پيغام پهچايو آهي، تفصيل مطابق پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ لاهور مان نئين چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبر سردار لطيف کوسه جي ڊي اي سربراهه سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ کيس پي ٽي آءِ باني جو پيغام پهچايو، لطيف کوسه پي ٽي آءِ باني پاران 2022ع ۾ وزيراعظم جي خلاف بي اعتمادي رٿ ۾ ووٽ نه ڏيڻ تي جي ڊي اي جو شڪريو به ادا ڪيو، ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن چونڊن کان پوءِ سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ به ڪئي، پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي سان گڏجي هلڻ جي عزم جو به اظهار ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو