ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) گرفتار ٿيل جوابدار انمول پنڪي خلاف پنجون ڪيس لاهور ۾ سامهون آيو آهي.گجرپوره پوليس 2018 ۾ هڪ منشيات فروش کي گرفتار ڪيو هو، ۽ جوابدار جي قبضي مان 1100 گرام منشيات هٿ ڪئي وئي هئي.ايف آءِ آر موجب، جوابدار انمول عرف پنڪي کان منشيات خريد ۽ وڪرو ڪندو هو.ياد رهي ته ڪراچي جي عدالت جوابدار انمول عرف پنڪي جو 22 مئي تائين جسماني ريمانڊ منظور ڪري ورتو آهي.سينٽرل جوڊيشل مئجسٽريٽ پوليس جي جسماني ريمانڊ جي اپيل تي فيصلو ڏنو، جڏهن ته ڏکڻ جوڊيشل مئجسٽريٽ قتل ڪيس ۾ جوابدار پنڪي جي جسماني ريمانڊ ۾ 2 ڏينهن واڌ ڪري ڇڏي.










