لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي راڄڌاني لاهور ۾ تيز برساتن 44 سال پراڻو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. لاهور جي مختلف علائقن ۾ 5 ڪلاڪن کان وقفي وقفي سان برسات جاري آهي، نشتر ٽائون، لڪشمي چوڪ، تاجپوره، جوهر ٽائون ۾ پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو آهي.واسا موجب 44 سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ برسات اڄ ايئرپورٽ تي 357 ملي ميٽر، جڏهن ته نشتر ٽائون ۾ 299 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.واسا موجب لڪشمي چوڪ ۾ 211 ملي ميٽر، تاجپوري ۾ 240 ملي ميٽر ۽ جوهر ٽائون ۾ 270 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.موسميات کاتي موجب برساتن جو سلسلو 6 آگسٽ تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي.ٻئي طرف لاهور جي علائقي تاجپوري ۾ برسات جو پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو آهي جڏهن ته شهر جي ٽن وڏين اسپتالن جي مختلف وارڊن ۾ برسات جو پاڻي داخل ٿي ويو آهي.مريضن جو چوڻ آهي ته پنجاب جي ٻن صحت واري وزيرن جو اڃا تائين ڪنهن به نوٽيس نه ورتو آهي، خواجا سلمان رفيق ۽ خواجا عمران نذير جو به ڪو به نوٽيس نه پهتو آهي.ان کان علاوه برسات سبب شهر ۾ بجلي جو ٽرانسميشن سسٽم به متاثر ٿيو آهي، جڏهن ته 288 فيڊر ٽريپ ٿي ويا آهن.ليسڪو جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ليسڪو جي فيلڊ اسٽاف پاران بجلي جي بحالي جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.










