لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن)سميت سموريون پارٽيون استعيفيٰ ۽ لانگ مارچ تي متفق آهن، بلاول بي اعتمادي رٿ واري تجويز پيش ڪئي ته اُن تي به بحث ڪيو ويندو، استعيفائن جِي تاريخ جو فيصلو 4 فيبروري تي پي ڊي ايم جي سربراهي اجلاس م ڪيو ويندو. اهڙو اظهار مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز لاهور جي احتساب عدالت ۾ ميان شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي مني لانڊرنگ واري ڪيس جي ٻڌڻي بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته موجوده حڪمران عوام تي الله جو عذاب آهن، جنهن شخص سڄي زندگي ڪم نه ڪيو، اُن کي 22 ڪروڙ عوام جِي ذميوار ڏني وئي، عمران خان وزيراعظم ٿيڻ کانپوءِ به ڪجهه نه سکيو، سندس ترجيح عوام جا مسئلا حل ڪرڻ نه، پر اپوزيشن کي ٽارگيٽ ڪرڻ آهي، جيڪا حڪومت پاڻ کي عوام آڏو جوابده نٿي سمجهي، اُها عوام جو ڪهڙو خيال رکندي..










