لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپننگ بيٽسمين امام الحق جي شادي جون تقريبون شروع ٿي ويون آهن.ڪرڪيٽر جي گهرواري جي مهندي تقريب جون تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا جي زينت بڻيل آهن.مشهور ڊزائنر حسن شهريار ياسين (HSY) پاران فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام تي امام الحق جي ڪنوار انمول محمود جون تصويرون شيئر ڪيون ويون ۽ ٽيگ ڪيون ويون جنهن جي ڪيپشن ”امام ڪي انمول“ آهي.ان پوسٽ ۾ امام الحق کي به ٽيگ ڪيو ويو، ان کان علاوه اهي تصويرون فوٽوگرافر عزا شاهين ملڪ به انسٽاگرام اسٽوري تي شيئر ڪيون. فوٽوگرافر طرفان شيئر ڪيل تصويرن جي جڳھ کي ”ناروي“ لکيو ويو جنهن جو مطلب آهي ته ڪرڪيٽر جي مهندي جي تقريب ناروي ۾ ٿي.










