قومي اسيمبلي پاران مختلف بلن جي منظوري

قومي اسيمبلي پاران مختلف بلن جي منظوري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي نج منافعو حاصل ڪرڻ جي مالياتي انتظامن واري بل 2026ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. اربع ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، نج منافعو حاصل ڪرڻ جي مالياتي انتظامن وارو بل 2026ع اسٽينڊنگ ڪميٽي مان منظور ٿيڻ صورت ۾ ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت گهري، اجازت ملڻ تي هن بل ايوان ۾ پيش ڪيو، ايوان بل جي شق وار منظوري ڏني. قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال، پاڪستان نرسنگ ۽ مڊوائفري ڪائونسل بل 2026ع اسٽينڊنگ ڪميٽي مان منظور ٿيڻ جي صورت ۾ ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت گهري، اجازت ملڻ تي هن بل ايوان ۾ پيش ڪيو، ايوان بل جي شق وار منظوري ڏني. ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني روانگي واپار، آمدني واپار ۽ پاڪستان بئنڪ ترميمي بل 2026ع اسٽينڊنگ ڪميٽي مان منظور ٿيڻ جي صورت ۾ ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت گهري، اجازت ملڻ تي هن بل ايوان ۾ پيش ڪيو، ايوان بل جي شق وار منظوري ڏني. جڏهن ته ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، مالياتي ذميواري ۽ تحديد قرض ترميمي بل 2026ع اسٽينڊنگ ڪميٽي مان منظور ٿيڻ جي صورت ۾ ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت گهري، اجازت ملڻ تي هن بل ايوان ۾ پيش ڪيو، ايوان بل جي شق وار منظوري ڏني. ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني قومي اسيمبلي ۾ خصوصي اقتصادي زونز ترميمي بل 2026ع اسٽينڊنگ ڪميٽي مان منظور ٿيڻ جي صورت ۾ ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت گهري، اجازت ملڻ تي هن بل ايوان ۾ پيش ڪيو، ايوان بل جي شق وار منظوري ڏني.

پهنجو تبصرو موڪليو