قمبر ڀرسان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 2 معصوم ٻارڙا فوت

قمبر ڀرسان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 2 معصوم ٻارڙا فوت

قمبر:(ن س) قمبر ڀرسان ٻرڙا ڪالوني ۾ پکي مان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 2 معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا. رپورٽ موجب ٻرڙا ڪالوني ۾ ڏنڊي واري پکي مان بجليءَ جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 4 ورهين جو حسنين پٽ نبي بخش مغيري، 3 ورهين جو دوست محمد پٽ عبدالغفور مغيري فوت ٿي ويا. ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويل معصوم ٻارڙن جي وارثن ٻارن کي فوري طور تي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن طرفان سندن فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي.جنهن کان پوءِ فوت ٿي ويل ٻارڙن جا لاش سندن وارث گهر کڻائي ويا جتي گهر ۾ ڪھرام مچي ويو ان حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيل ٻئي نينگر پاڻ ۾ سڳا سئوٽ آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو