قطر تي حملو عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي: پاڪستان

قطر تي حملو عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي: پاڪستان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان چيو آهي ته قطر تي اسرائيلي حملو بين الاقوامي قانون جي واضح خلاف ورزي آهي. پاڪستان قطر تي اسرائيلي جارحيت جي سخت مذمت ڪري ٿو. وزيراعظم اسرائيلي اشتعال انگيزين خلاف مسلم امت کي متحد ٿيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ هفتيوار ميڊيا بريفنگ دوران، پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان چيو ته وزيراعظم اسرائيلي جارحيت خلاف قطر سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ دوحا جو هنگامي دورو ڪيو. پاڪستاني قوم برادر ملڪ قطر سان گڏ بيٺل آهي.ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ قطر هميشه ڏکئي وقت ۾ هڪ ٻئي سان گڏ رهيا آهن. وزيراعظم قطري قيادت کي پاڪستان جي مڪمل حمايت ۽ يڪجهتي جو يقين ڏياريو.هن چيو ته پاڪستان ۽ صوماليا جي درخواست تي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس طلب ڪيو ويو. پاڪستان غزه ۾ اسرائيلي ظلم جي پڻ مذمت ڪري ٿو. پاڪستان فلسطين تڪرار جو گڏيل قومن جي قراردادن جي مطابق حل چاهي ٿو.پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اسرائيل جو ثالث ملڪ قطر کي نشانو بڻائڻ امن ڳالهين کي سبوتاژ ڪرڻ جي ڪوشش آهي.ترجمان چيو ته قازقستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاڪستان جو اهم دورو ڪيو، پاڪستان ۽ قازقستان مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو