باڙھھ (ويب ڊيسڪ)خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته جيڪي قبائل پنهنجي مرضي سان پاڪستان ۾ شامل ٿيا آهن اهي پاڪستاني آهن ۽ رهندا.سهيل آفريدي باڙه ۾ امن جرڳي کي خطاب ڪندي چيو ته منهنجي نامزدگي تي اعتراض اٿاريا ويا آهن، ضم ٿيل ضلعن جا بقايا فوري طور تي ادا ڪيا وڃن، اسان کي دعا گهرڻ جي ضرورت ناهي، اسان کي اسان جا حق ڏنا وڃن.هن اعلان ڪيو ته هر ضلعي ۾ امن جرڳا منعقد ڪيا ويندا.هن چيو ته قبائلي پنهنجي مرضي سان پاڪستان ۾ شامل ٿيا ۽ پاڪستاني آهن ۽ رهندا.










