اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف سان فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان طرفان خطي ۾ پائيدار امن لاءِ ٽياڪڙ وارو ڪردار جاري رکڻ جو عزم ورجايو ويو.وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، وزيراعظم شهباز شريف سان فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ملاقات ڪئي. پڌرائي ۾ چيو ويو ته ملاقات ۾ خطي ۾ پائيدار امن لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن ۽ پاڪستان طرفان ڌرين وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. پڌرائيءَ موجب، وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل تازي ڇڪتاڻ گهٽتائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ سمورن ڌرين تي جنگبندي برقرار رکڻ ۽ صبر جو مظاهرو جاري رکڻ تي زور ڏنو. ملاقات ۾ پاڪستان پاران خطي ۾ پائيدار امن لاءِ ٽياڪڙ وارو ڪردار جاري رکڻ جو عزم ورجايو ويو . پڌرائي موجب، وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل سمورن ڌرين طرفان صبر ۽ برادشت جي واکاڻ ڪئي، وزيراعظم ان عمل ۾ شامل ڌرين جي عزم کي به ساراهيو. پڌرائي ۾ چيو ويو ته ملاقات ۾ امن جي ڪوششن ۾ ڪاميابي لاءِ نيڪ خواهشون ظاهر ڪيون ويون .










