نوشھرو فيروز (رپورٽ اسد علي عمراڻي )ڳوٺ مولھڻ ۾ ھلندڙ فيصلي دوران جھيڙو ھڪ ڄڻو فوت ۽ ٽي زخمي ٿي پيا. رئيس غلام شبير مولھڻ جي سرپرستي ۾ ٿيندڙ تڳر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، لٺيون ڪھاڙيون لتون ۽ مڪون لڳڻ ڪري جمعدار سليمان تڳر ٿڏي تي فوت لاش کي قانوني ڪاروائي لاء سول اسپتال نوشھرو فيروز آندو ويو جيڪو ڳوٺ ميوو تڳر جو رھواسي آھي. زخمين کي اسپتال ۾ داخل ڪري طبي امداد ڏني وئي.










