پهرين ون ڊي، پاڪستان ڏکڻ آفريڪا کي شڪست ڏئي ڇڏي

پهرين ون ڊي، پاڪستان ڏکڻ آفريڪا کي شڪست ڏئي ڇڏي

فيصل آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان پهرين ون ڊي ۾ ڏکڻ آفريڪا کي 2 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ 0-1 جي برتري حاصل ڪري ورتي. فيصل آباد جي اقبال اسٽيڊيم ۾ 17 سالن کانپوءِ کيڏيل پهرين ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا 263 رنسن جو هدف ڏنو، جيڪو پاڪستان 2 بال باقي رهي 8 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.پاڪستان طرفان سلمان علي آغا 62، محمد رضوان 55 رنسون اسڪور ڪيون، جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ فخر زمان 45، صائم ايوب 39، حسين طلعت 22، محمد نواز 9، بابر اعظم 7 ۽ حسن نواز 1 رنسون ٺاهيون. ميزبان ٽيم جي ڪپتان شاهين شاهه آفريدي 4 ۽ نسيم شاهه 0 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو. ڏکڻ آفريقي جي نگي نگيدي، ڊونووان فريرا ۽ ڪوربن بوش 2-2 وڪيٽون حاصل ڪيون. ڏکڻ آفريقي ٽيم آخري اوور ۾ 263 رنسن تي ڍير ٿي وئي، جنهن ۾ ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ 63، جوهان ڊي پري ٽورس 57 ۽ ڪپتان ميٿيو بيريٽزڪي 42 رنسون ٺاهيون. پاڪستان لاءِ نسيم شاهه ۽ ابرار احمد 3-3 وڪيٽون، صائم ايوب 2 وڪيٽون ۽ شاهين شاهه آفريدي ۽ محمد نواز 1-1 وڪيٽ ورتي. پهرين ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. واضح رهي ته پاڪستان ون ڊي ٽيم جي نئين چونڊيل ڪپتان شاهين شاهه آفريدي 17 سالن کان پوءِ فيصل آباد ۾ ڪرڪيٽ جي واپسي تي خوشي جو اظهار ڪيو. فيصل آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران گرين شرٽس جي ڪپتان چيو ته هو فيصل آباد ۾ 17 سالن کان پوءِ ڪرڪيٽ جي واپسي تي خوش آهي . هن چيو ته پاڪستان جي اسٽار بيٽسمين بابر اعظم جو فارم ۾ واپسي ٽيم ۽ ملڪ لاءِ ضروري هو، بابر اعظم گذريل 5 سالن کان رنز ٺاهي رهيو آهي. سيريز جو ٻيو ميچ خميس 6 نومبر تي کيڏيو ويندو، جڏهن ته آخري ميچ ڇنڇر 8 نومبر تي کيڏيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو