لاهور(ويب ڊيسڪ)سيما حيدر جي ڪراس بارڊر لو استوري بعد هڪ ٻئي پاڪستاني ڇوڪري ڀارتي نوجوانسان شادي ڪري ڇڏي آهي. انڊين ايڪسپريس جي رپورٽ موجب مهوش نالي 25 سالن جي پاڪستاني عورت سرحد پار ڪري راجسٿان جي بيڪانير ضلعي ۾ پنهنجي عاشق رحمان سان ملڻ لاءِ پهتي آهي، جنهن سان سندس ملاقات فيس بڪ تي ٿي هئي. مهوش ان کان اڳ لاهور جي بادامي باغ جي هڪ شخص سان شادي ڪئي هئي. شاديءَ جي 12 سالن کانپوءِ 2018 ۾ ٻنهي ۾ طلاق ٿي وئي ۽ کين ٻه پٽ آهن، جن جي عمر 12 ۽ 7 سال آهي. هن جي طلاق کان پوءِ مهوش ڪويت ۾ ٽرانسپورٽر ورڪر طور ڪم ڪندڙ رحمان سان فيسبڪ تي رابطو ڪيو. ٻنهي 13 مارچ 2022 تي هڪ ٻئي کي پرپوز ڪيو ۽ ٽن ڏينهن بعد وڊيو ڪانفرنس ذريعي شادي ڪئي.بعد ۾ 2023 ۾ مهوش عمره لاءِ مڪي پهتي جتي سندن باضابطه شادي جي تقريب ٿي. مهوش 25 جولاءِ تي پنهنجي ڪٽنب سان اسلام آباد کان واگها بارڊر جو سفر ڪيو، پاڪستاني ۽ ڀارتي اختيارين طرفان سندس دستاويزن جي جانچ ڪرڻ کانپوءِ هوءَ 45 ڏينهن جي سياحتي ويزا تي ڀارت ۾ داخل ٿي. رحمان جي گھر وارن کيس بارڊر تي آڌرڀاءَ ڪيو پنهنجي ڳوٺ پٿيسر وٺي آيا.










