اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ٽرائل واري ڪيس ۾ قيدين کي عام جيلن ۾ منتقل ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ سول ٽرائل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ جو وڪيل لطيف کوسا ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت ۾ پيش ٿيا.ٻڌڻي دوران وڪيل لطيف کوسا چيو ته گهٽ ۾ گهٽ جيل ۾ قيدين جي ملاقات ٿي سگهي ٿي. ان تي جسٽس امين الدين چيو ته اٽارني جنرل ملاقات بابت خاطري ڪرائي آهي،عدالت لطيف کوسا جي قيدين کي ريگيولر جيل منتقل ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته بچاءَ واري وزارت جي وڪيل خواجا حارث جي طبيعت خراب آهي، خواجا حارث کي پيٽ ۾ تڪليف آهي جنهن سبب هو عدالت ۾ پيش نه ٿو ٿي سگهي، ان ڪري ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي.عدالت ايڊيشنل اٽارني جنرل جي درخواست تي ٻڌڻي ملتوي ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي خميس تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










