شهيد فوجين خلاف مهم هلائيندڙ پي ٽي آئي جا حامي نڪتا، رپورٽ

شهيد فوجين خلاف مهم هلائيندڙ پي ٽي آئي جا حامي نڪتا، رپورٽ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) لسٻيلا هيلي ڪاپٽر حادثي کانپوءِ پاڪ فوج جي شهيدن خلاف مهم جي جاچ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي.دستاويز موجب پاڪ فوج جي شهيدن خلاف مهم تي ايف آءِ اي جي جاچ آخري مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي ۽ ڪُل 580 اڪائونٽن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي، 178 اڪائونٽن تي پي ٽي آءِ جو جهنڊو يا نشان موجود هئا.ايف آءِ اي دستاويز ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 18 ڀارتي اڪائونٽ پڻ شهيدن خلاف مهم ۾ شامل هئا، سڃاڻپ ٿيل اڪائونٽس جو انگ 168 ۽ جعلي اڪائونٽ جو انگ 238 آهي.دستاويز موجب 123 اڪائونٽس جي سڃاڻپ نادرا کي سونپي وئي آهي، 33 اڪائونٽس ٻين ملڪن مان هلايا پئي ويا.دستاويز ۾ چيو ويو آهي ايف آءِ اي پاڪ فوج خلاف مهم هلائيندڙ 234 اڪائونٽس جي سڃاڻپ ڪئي، گوجرانوالا ۾ 12 انڪوائريز مان 6 ڪيس داخل ۽ پنج ڄڻا گرفتار ٿيا.دستاويز موجب فيصل آباد جي ست انڪوائريز ۾ چار ڪيس داخل ۽ چار ڄڻا گرفتار ٿيا جڏهن ته لاهور جي 7 انڪوائريز ۾ ٻه ڪيس ۽ 2 ماڻهو گرفتار ٿيا ۽ چار نوٽيس جاري ڪيا.

پهنجو تبصرو موڪليو