اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي بدقسمت فيصلو قرار ڏئي ڇڏيو. پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ فواد چوڌري لکيو ته ان بدقسمت فيصلي پاڪستان ۾ سياسي بحران ۾ وڏو اضافو ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته تڪڙيون چونڊون ملڪ ۾ استحڪام آڻي پئي سگهيون، بدقسمتي سان عوام جي اهميت کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، هاڻ ڏسون ته معاملو اڳتي ڪيئن ٿو وڌي.










