فواد چوڌري پاران سپريم ڪورٽ جو  فيصلو بدقسمت قرار

فواد چوڌري پاران سپريم ڪورٽ جو فيصلو بدقسمت قرار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي بدقسمت فيصلو قرار ڏئي ڇڏيو. پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ فواد چوڌري لکيو ته ان بدقسمت فيصلي پاڪستان ۾ سياسي بحران ۾ وڏو اضافو ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته تڪڙيون چونڊون ملڪ ۾ استحڪام آڻي پئي سگهيون، بدقسمتي سان عوام جي اهميت کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، هاڻ ڏسون ته معاملو اڳتي ڪيئن ٿو وڌي.

پهنجو تبصرو موڪليو