اسلام آباد(بيورو رپورٽ)جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان نيشنل پارٽي جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ ملاقات ڪئي،اجلاس ۾ مير ڪبير شاهي، مولانا عبدالواسع، مولانا لطف الرحمان، انجنيئر ضياءُ الرحمان، علامه راشد سومرو ۽ ٻين شرڪت ڪئي،ملاقات ۾ ملڪي سياسي ۽ مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي،ملاقات ۾ بلوچستان جي علائقائي صورتحال ۽ ايندڙ عام چونڊن بابت صلاح مشورا ڪيا ويا، ملاقات ۾ موجوده بجيٽ ۽ ٻين معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو










