فسادن ۾ ملوث پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي لسٽ جاري

فسادن ۾ ملوث پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي لسٽ جاري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قانون لاڳو ڪندڙ ادارن عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ فسادن ۾ ملوث پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي.فسادن ۾ ملوث ماڻهن جي لسٽ ۾ پي ٽي آءِ جو سينيئر اڳواڻ سينيٽر اعجاز چوڌري، علي امتياز وڑائچ، ميان عثمان اڪرم، ملڪ وقار، عاليه حمزه، عاليه شهزاد، راءِ اسلم کھرل، ناصر سلمان، محمد مدني، زبير خان نيازي شامل آهن.انهن کان علاوه حسن نيازي، غلام محي الدين ديوان، پي ٽي آءِ لاهور جو صدر امتياز شيخ، ڊاڪٽر ياسمين راشد ۽ ٻيا شامل آهن.پوليس ذريعن موجب لسٽ ۾ شامل ماڻهن جي گرفتاري لاءِ وڏو آپريشن ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو